نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪاره جنيفر لوپيز پنهنجي مڱيندي ايلڪس روڊريگز کان مڱڻي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪجهه هفتا پهرين جوڙي پنهنجيون راهون جدا ڪري ورتيون هيون. 51 ورهين جي ڳائڻي جنيفر لوپيز جي 45 ورهين جي اڳوڻي بيس بال رانديگر ايلڪس سان 2019ع ۾ مڱڻي ٿي هئي، جنيفر لوپيز ۽ ايلڪس روڊريگز عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري 2 ڀيرا شادي ملتوي ڪئي هئي، جڏهن ته جنيفر لوپيز ۽ ايلڪس جي مڱڻي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ اڃا تائين سامهون اچي ناهي سگهيو.
