164

جهول ڀرسان سم نالي مان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

جھول(ن سوڀ) جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان مري ۾ سم نالي ڀرسان نوجوان جو گوليون لڳل پيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن جھول پوليس کي اطلاع ڪيو ، اھڙي اطلاع تي جھول پوليس ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پھتا، جڏھن ته ڳوٺاڻن لاش جي سڃاڻپ 25 ورھين جي نوجوان عبد السلام عرف سلام ولد ابراھيم مري ويٺل ڳوٺ حيات مري طور ڪئي. جھول پوليس مقتول جي وارثن کي سڏايو جن واقعي واري ھنڌ پھچي پڻ مقتول جي لاش جي عبدالسلام عرف سلام مري طور تصديق ڪئي.  جھول پوليس ايمبولينس گھرائي مقتول جو لاش وارثن جي مدد سان پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگھڙ پھچائي مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي  لاش وارثن حوالي ڪيو، جيڪي تدفين لاءِ ڳوٺ حيات مري کڻائي ويا، جڏھن مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب مقتول کي  پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جنھن کي ٻه گوليون ڪنڌ ۾ ۽ ھڪ گولي ھٿ ۾ لڳل آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو