46

جوهي بئراج جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو، ڪڻڪ جو فصل سُڪي سڙي ويو، احتجاج

جوھي(ن سوڀ) جوهي بئراج جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو آهي، جنهنڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سُڪي سڙي ويو آهي. پاڻي بدران 10 کان وڌيڪ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي، آبادگارن هٿن ۾ سُڪل ڪڻڪ کڻي ميهر گاڏهي، شينهن رند، امام علي رستماڻي، خليل عارف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مخدوم بلاول پارڪ اڳيان دادو جوهي روڊ تي ڌرڻو هنيو. آبادگار اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان پڇڙي جي شاخن ۾ زرعي نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جو پوکيل فصل سُڪي سڙي رهيو آهي. هنن چيو ته گذريل ٻن مهينن کان زرعي پاڻي لاءِ آبادگار روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت  توڙي ايريگيشن کاتي جي ڪَن تي جونءَ به نٿي سُري ۽ ڪير به  داد رسي ڪرڻ تيار ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو