95

جوهي تعلقي ۾ تعليم کاتي جا عملدار ڪڏهن جاڳندا؟

ليکڪ: منٺار شاهاڻي

سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو هئڻ باوجود ڪاڇي جي ڳوٺ الهداد شاهاڻي جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گذريل ٽن سالن کان بند پيل آهي، تعليمي ريڪارڊن موجب جوهي تعلقي ۾ هي واحد اسڪول آهي جيڪو قديمي اسڪول جي حيثيت رکي ٿو، سال 2018 ع ۾ مقرر استاد جي رٽائر ٿيڻ بعد اسڪول بند پيل آهي، ٽن سالن جي وڏي عرصي ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن کي بند اسڪول کولرائڻ جي ذميواري محسوس نه ٿي سگهي آهي، ڳوٺاڻن کي ايجوڪيشن آفيسر اسڪول کولڻ جاٺلها آسرا ڏيندا رهيا پر ٽن سالن تائين استاد مقرر نه ڪري سگهيا،31 آگسٽ تي سنڌ ۾ تعليمي ادارا کلڻ بعد بوائز پرائمري اسڪول الهداد شاهاڻي نه کلي سگهيو ۽ مجبورن شاگردن اسڪول کلڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ ان ڏس ۾ شاگرد ۽ والدين 12 ڏينهن کان بند اسڪول اڳيان دادو ضلعي جي ستل آفيسرن کي جاڳائڻ لاءِ  احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪاڇي ۾ بند اسڪول لاءِ مسلسل احتجاجن جون خبرون هر روز اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن ۾ اچڻ باوجود تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر بند اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري شاگردن کي تعليم جهڙي زيور سان نوازڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، تعليم جي بهتري جون دعوائون ڪندڙ استاد تنظيمون به ٻارهن ڏينهن لڳاتار احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن سان اسڪول کولرائڻ لاءِ رابطو ڪرڻ بدران خاموش تماشائي ٿي گلن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل تباھه ڪرڻ ۾ ڪامورن سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن پر سوال اهو آهي ته بند اسڪولز کولرائڻ جي ذميواري آخر ڪنهن جي آهي؟ اهو سوال پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ انتظار ڇلگري کان پڇڻ تي هن  جواب ڏنو ته بند اسڪول کولرائڻ جي ذميواري تنظيم وارن جي آهي انهي لاءِ تنظيم وارن کي سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن، ان پاليسي ۽ پ ٽ الف جي آئين کان جوهي تعلقي جا تنظيمي اڳواڻ اڻ واقف هئڻ سبب بند اسڪول کولرائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ ته ٺهيو پر دادو ۽ جوهي جي ڪنهن به اڳواڻ ڳوٺاڻن سان فون تي رابطو ڪري پنهنجي ذميواري به محسوس نه ڪرائي آهي،جنهن سبب ڪاڇي سميت جوهي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڪافي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ شاگردن جو مستقبل داءَ  تي لڳل آهي،جوهي تعلقي جي اڪثر اسڪولن ۾ گهٽ انرولمينٽ تي به گهڻا استاد مقرر ٿيل آهن، گهڻن اسڪولن جي عمارت  به نه آهي انهن ۾ به استاد مقرر ٿيل آهن، نون ٺهيل عمارتن  ۾ شاگرد نه هئڻ باوجود استاد مقرر ٿيل آهن ته پوءِ هڪ اسڪول لاءِ استاد ڇو ناهي؟ ڪيل سروي موجب هڪ اسڪول ۾ تقريبن 130 انرولمينٽ تي پنج استاد مقرر ٿيل ٻڌايو ويو، انهي انرولمينٽ مطابق ڪجهھ شاگرد لازمي دائمي غير حاضر هوندا ڪجهھ والدين جي لڏي وڃڻ سبب لازمي اسڪول نه ايندا هوندا ۽ انهي اسڪول  جي روزانه سراسري حاضري 80 شاگرد  مس هوندي ان  باوجو اهڙن اسڪولن ۾ 5 5 استاد مقرر ٿيل آهن، ڪجهھ استاد اهڙن اسڪولن ۾ سفارشي پڻ مقرر ٿيل آهن،  جوهي تعلقي ۾ هر يوسي تي تعلقي آفيسر طرفان بند اسڪولن جي نشاندهي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ  فوڪل پرسن مقرر ڪيل آهن جيئن تعليم جي بهتري ٿئي، پر فوڪل پرسن مقرر ٿيڻ بعد تعليم جي بهتري بدران تعليم تباهه  ٿي رهي آهي، تعلقي ۾ تقريبن ٻارهن کان 14 فوڪل پرسن مقرر ٿيل آهن، جيڪڏهن انهن ويزا تي هلندڙ گوسڙو فوڪل پرسنن جي  به بند اسڪولن تي ڊيوٽي لڳائي وڃي ته بند اسڪول ڪافي کلي ويندا ۽ جوهي ۾ تعليم جي بهتري ٿي ويندي،  تعليم کاتي ۾ سپروائيزرن جي جاءِ  تي هن وقت مقرر ٿيل فوڪل پرسن پڻ غير قانوني رکيل آهن، تعليم جي بهتري لاءِ پهريان به ڪورٽ سڳوري سپروائيزرن کي ڊيوٽين تي لڳائڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو، هينئر به اهي شاگرد پڙھائي ڊيوٽين تي لڳل آهن،ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته جوهي تعلقي ۾غير قانوني رکيل فوڪل پرسن پوسٽ في الفور ختم ڪري ويزا تي هلندڙ انهن گوسڙو استادن کي ڊيوٽين تي لڳائي،گهٽ انرولمينٽ وارن اسڪولن ۾ مقرر ٿيل وڌيڪ  استادن کي بند اسڪولن تي مقرر ڪري بوائز پرائمري اسڪول الهداد شاهاڻي سميت ٻين بند اسڪولن کي کولرائي ننڍڙن گلن جهڙن معصوم ٻچڙن کي تعليم سان نوازيو وڃي جيئن ڪاڇي سميت جوهي تعلقي ۾ تعليم جي بهتري ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو