ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهن پاران شاندار استقبال،سنڏ سميت ملڪ مان جيالن جا قافلا پهتا، هر طرف ويلڪم ويلڪم بلاول ڀٽو ويلڪم جي نعرن جي گونج، بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو جمهوري عمل هو، نالائق وزير اعظم کي گهر موڪليو، اها اصل تبديلي آهي، جيالن ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، ڪراچي اولڊ ٽرمنل تي استقبال لاءِ آيل لکين ماڻهن جي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيالا جڏهن به آئين جي تحفظ، وقت جي آمر ۽ ظالم خلاف نڪرندا آهن ته ڪامياب ٿيندا آهن، ڪٺ پتلي مڙهيو ويو هو، جيالن نئين جدوجهد شروع ڪئي آهي، پهرين ڏينهن غير جمهوري شخص خلاف ڄمي بيهي رهيا، اکين ۾ اکيون وجھي چيو ته اوهان اليڪٽيڊ نه پر سليڪٽڊ آهيو، نالائق سليڪٽڊ کي ڪڏهن قبول نه ڪيو آهي، جمهوري هٿيار استعمال ڪري غير جمهوري شخص کي گهر موڪليو، هاڻي سليڪٽڊ چوي ٿو پرڏيهي سازش آهي، اهو جمهوري عمل هو، وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس سازش ڪئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اها پارليامان، آئين ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي، اها تبديلي اصل تبديلي آهي، اها هڪڙي رات ۾ تبديلي ناهي آئي، ٽي چار سال جيالن وڏي جدوجهد ڪئي هئي،عمران خان هر اداري تي حملو ڪيو، ميڊيا کي خاموش ڪرايو، هو چاهي پيو ته هر ادارو ٽائيگر فورس بڻجي ڪم ڪري، اسٽيبلشمينٽ به ٽائيگر فورس وانگر مدد ڪري، ويندي ويندي ان شخص نقصان ڪيو، بي اعتمادي کان ڀڇندي ڀڇندي آئين تي حملو ڪيو، هاڻي ”مونکي ڇو نه بچايو ويو“ واري تحريڪ هلائي رهيو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته هي ڪهڙو وزير اعظم هو جنهن پنهنجي دور۾ معيشت کي نقصان پهچايو، عوام کي تڪليف ڏني، پنهنجي انا جي ڪري ملڪ کي اڪيلو ڪيو، پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، اسان جي پرڏيهي پاليسي آهي ته خيرات نه پر واپار گهرنداسين، پاڪستان جو موقف سڄي دنيا ۾ گهڻي وينداسين، بلاول ڀٽو چيو ته اسٽيل مل کي چوان ٿو ته پرائيوٽائيزيشن وزارت اسان وٽ آهي، اچو گڏجي ڪم ڪيو، اسٽيل مل لاِءِ به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جي تحت ٿرڪول کان پاڪستان کي بجلي پهچائي سگهون ٿا، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي بچائينداسين، غريبن سان انصاف ڪنداسين، اسان محنت ڪري هن ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنداسين، غريبن سان انصاف ڪنداسين، سليڪٽڊ ڪڏهن به اليڪشن نٿو چاهي هو سليڪشن چاهي ٿو، اسان پهريان به اوهان جو مقابلو ڪيو، هاڻي به تيار آهيون، اسان پارليامينٽ ۾ توهان جو مقابلو ڪيو، هاڻي سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، عمران خان کان آئين ٽوڙڻ جو حساب ورتو ويندو، اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان مديني جي واقعي تي معافي گهري.
