127

جيڪب آباد جي جکراڻي ۽ اوڍا برادرين ۾ خوني تڪرار جو نبيرو،11 قتل ۽ 25 زخمي ثابت، 2 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ،ڌريون کيرکنڊ

لاڙڪاڻو (رپورٽ : اياز ساريو ) جيڪب آباد ضلعي جي دوداپور واري علائقي ۾ جکراڻي ۽ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو. ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 70 لک روپيا ڏنڊ. ٻنهي ڌرين جا هڪٻئي مٿان 11 قتل ۽ 25 زخمي ثابت،  ڌريو کير کنڊ ٿي ويون. ان سلسلي ۾ مليل تفصيل موجب جيڪب آباد ضلعي جي دودا پور واري علائقي ۾ 3 سال اڳ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ تان جکراڻي ۽ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ شروع ٿيل خوني ويڙهاند جو نبيرو سردار مير منظور پنهور ۽ ايم اين اي غوث بخش خان مهر جي سرپنچيءَ ۾ سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، جنهن ۾ جکراڻي برادري طرفان مير نور احمد خان جکراڻي، سردار عبدالغفور ٿهيم، احمد خان قمبراڻي ۽ مير شفقت خان جکراڻي جڏهن ته اوڍا برادري طرفان مير فائق خان جمالي، اڪرم خان ابڙو، فولاد خان لُهر ۽ باز خان بروهي، سردار محمد پناهه خان اوڍو مشير طور شريڪ ٿيا. انهن کان علاوه جکراڻي برادري جي معززن رحمت الله جکراڻي، دلمراد، محمد رحيم جکراڻي، ملنگ عرف ڀورل جکراڻي، شهزادو جکراڻي جڏهن ته اوڍا برادري جي معززن محمد سليمان اوڍو، عبدالفتاح اوڍو، لال بخش ۽ محمد الياس اوڍو شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ٻنهي ڌرين جون تفصيلي طور ڳالهيون ٻڌي مشيرن جي صلاح مشوري کانپوءِ اڪبر مهر فتويٰ ٻڌائيندي چيو ته جکراڻي برادري سان واسطو رکندڙ عزيز الله، ممتاز جکراڻي، عبدالغفار جکراڻي ۽ ڪالو جکراڻي کي ماريو ويو هو جڏهن ته ميڙ دوران عزيز الله قتل ٿيو هو، ان جو عيوضو 15 لک روپيه ۽ 10 لک روپيه ڏنڊ آهي، مقتول ممتاز جکراڻي ان جا ٻه عيوضا 30 لک روپيه ڏنڊ آهي، عبدالغفار جو عيوضو 15 لک روپيه ۽ ساڍا 7 لک روپيه ڏنڊ آهي، ڪالو جکراڻي جو عيوضو 15 لک روپيا ڏنڊ آهي. جڏهن ته جکراڻي برادري جي زخمين رستم، ايوب، ظهور، هڪ عورت، مولابخش، حبيب الله ۽ ظفرالله جکراڻي جو مجموعي عيوضو 14 لک آهي. اهڙي طرح جکراڻي برادري جي چئن خونن ۽ 7 زخمين جو مجموعي ڏنڊ هڪ ڪروڙ 6 لک 50 هزار روپيه ڏنڊ اوڍا برادري مٿان وڌو ويو جيڪي اوڍا ادا ڪندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اوڍا برادري جا قتل ٿي ويل حماد الله، حاجن، صوبدار، نادر، علي حيدر، سجاول ۽ نويد هر هڪ جي قتل جو عيوضو 15، 15 لک روپيه جڏهن ته زخمين محرم، مهيم، احسان، فياض، سڌير، عبدالعزيز، گل محمد، ثناءَ الله، مير حسن، گامڻ، احسان، آزاد، سعيد احمد جي ڌيءَ، شربت، دين محمد، خالد، ڄام ۽ هڪ معذور جو مجموعي عيوضو 45 لک روپيا ڏنڊ آهي. اهڙي طرح اوڍا برادري جي 7 خونن ۽ 18 زخمين جو مجموعي ڏنڊ هڪ ڪروڙ 50 لک آهي جيڪا رقم جکراڻي برادري ادا ڪندي. ٻنهي ڌرين طرفان داخل ڪرايل ڪيس هر هڪ ڌر قانوني طور تي حل ڪرائيندي جوابدار ڌر پاڻ خرچ ڪنديون ۽  مجموعي ڏنڊ جي رقم ڌريون ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون، نبيري ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اوڍن جي جيڪا جيڪب آباد شهر ۾ جڳهه آهي اها رحيم جکراڻي واپس ڪندو ۽ ذلفي خان پٺاڻ ڏي اوڍا برادري جا ماڻهو ميڙ کڻي ويندا. فتويٰ ٻڌڻ کانپوءِ پوءِ فيصلو مڃيندي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. جهيڙيندڙ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو