274

جيڪو به ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي: پنجاب حڪومت جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي جلسن سان اسان کي ڪابه پريشاني ناهي، پر جيڪو ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائندين پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جون 13 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 ڄڻا ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ ڪيسن جي حوالي سان لاهور سرفهرست آهي، لاهور ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪيو ويو آهي، لاهور ۾ ڪورونا ڪيسن جي مثبت شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، لاهور ۾ 625 کان وڌيڪ هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن سان اسان کي ڪا پريشاني ناهي، تحريڪ انصاف کان وڏا جلسا ڪير به نٿو ڪري سگهي، ميڙن جي حوالي سان عدالتي فيصلو موجود آهي، اسان پنهنجا جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندو يا جتي جتي غيرقانوني سرگرميون ٿينديون اتي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو