23

جيڪي استاد ويڪسين ناهن لڳرائي سگهن، اهي پهرين آگسٽ کان اسڪولن ۾ پڙهائي نه ڪرائي سگهندا، 31 آگسٽ بعد ويڪسي نيٽيڊ عملي بنا ٽرانسپورٽ نه هلندي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته جيڪي استاد ويڪسين ناهن لڳرائي سگهن، اهي پهرين آگسٽ کان اسڪولن ۾ پڙهائي نه ڪرائي سگهندا، 31 آگسٽ بعد ويڪسي نيٽيڊ عملي بنا ٽرانسپورٽ نه هلندي. اهڙو اظهار هن ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو اڃا به ڪورونا کي سنجيده ناهن وٺي رهيا. سنڌ حڪومت ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته ڪنهن جو روزگار متاثر نه ٿئي، ملڪي معيشت هلندي رهي، ملڪ بند ڪري وبا جو مقابلو نٿا ڪري سگهون. ڪورونا کان بچڻ جو واحد حل رڳو احتياط آهي. اسد عمر چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايس او پيز تي وڌيڪ عمل نه پيو ڪيو وڃي. پهرين آگسٽ کان صرف ويڪسي نيٽيڊ ماڻهو هوائي جهاز تي سفر ڪري سگهندا، جڏهن ته جيڪي استاد ويڪسي نيٽيڊ ناهن اهي پهرين آگسٽ کان اسڪول نه اچي سگهندا. 31 آگسٽ بعد ويڪسي نيٽيڊ عملي بنا ٽرانسپورٽ نه هلي سگهندي. اسڪول، ٽرانسپورٽ عملو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ ويڪسي نيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. هوٽلن، ريسٽورنٽس ۾ ڪم ڪندڙ عملي لاءِ ويڪسي نيشن جي آخري تاريخ 31 آگسٽ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان بچڻ جو واحد حل رڳو احتياط آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايس او پيز تي بهتر عمل ناهي ٿي رهيو. پهرين آگسٽ کان سنگل ڊوز لڳرائيندڙ مسافر هوائي سفر ڪري سگهندا. ان کان اڳ ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، 24 ڪلاڪن ۾ ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو. ڪراچيءَ ۾ وبا جي پکيڙ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪيسن ۾ واڌ سبب اسپتالن تي بار وڌي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو