اسلام آباد (ويب ديسڪ) جميعت علما هنڌ جي صدر مولانا ارشد مدني پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن طالبان دهشتگرد آهن ته پوءِ نهرو ۽ گانڌي به دهشتگرد هئا، هن چيو ته اسان طالبانن کي سڃاڻون ئي نه ٿا، هو غلامي کي قبول ناهن ڪندا، اسان ڪنهن کي به دهشتگرد نه ٿا سمجهون، طالبانن کي به دهشتگرد نه ٿا سمجهونافغانستان ۾ هر شخص کي امن قائم ڪري ڏنو وڃي، مولانا ارشد مدني چيو ته جيڪڏهن طالبان ان بنياد تي ته هو غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي آزاد ٿي رهيا آهن ته ان جو نالو دهشتگردي آهي ته جواهر لعل نهرو ۽ گانڌي به دهشتگرد هئا، ابو ڪلام آزاد به دهشتگرد هيو، اها ڇا ڳالهه آهي.
