195

جيڪڏهن ڪو گهر اچي به آڇ ڪندو ته به پاڪستان مان ٻاهر نه وينديس: مريم نواز

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هوءَ ڪيڏانهن به نه ويندي ۽ کيس پاڪستان ۾ ئي رهڻو آهي، جيڪڏهن سندس گهر اچي به ڪو آڇ ڪندو ته به هوءَ پاڪستان مان ٻاهر نه ويندي. گوجرانوالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمران پارٽي خلاف هر صوبي مان ماڻهو اٿي ويٺا آهن، جهڙي ريت هنن ٽڪيٽون ورهايون، هي ته چوندا هئا ته 22 سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، 22 سالن ۾ ڪو اهڙو شخص مليو جنهن کي ٽڪيٽ ڏئي سگهن، عمران خان ٻين پارٽين تي الزام مڙهيندو آهي ۽ پاڻ وري ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته سينيٽ ۾ سٺا ماڻهو اچن، ن ليگ ۾ سڀ ڪارڪنن کي ٽڪيٽون مليون ۽ پارٽي انهن کي ٽڪيٽ ڏني جن ماڻهن جي سياسي جدوجهد آهي، ميان صاحب ڪنهن ارب پتي ماڻهو کي ٽڪيٽ جاري ناهي ڪئي. مريم نواز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ وارا خواب ڏسندڙ پاڻ ٽُٽي ويندا، مخالف ڌر هن وقت گهٽ ڳالهائي رهي آهي ۽ ان جي پنهنجي پارٽي وڌيڪ ڳالهائي رهي آهي، جڏهن ته جيڪي حالتون ڏسي رهي آهيان، ائين نه ٿئي جو سينيٽ چونڊن کان اڳ کي بي اعتمادي واري رٿ اچي وڃي. هن چيو ته مان هن حڪومت کي ڪابه اپيل نه ڪنديس ته منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، مريم ٻاهر نه ويندي، توهان کي وڃڻو پوندو، منهنجي ننڍڙي سرجري ٿيڻي آهي جيڪا پاڪستان ۾ نه ٿي سگهندي، مون کي ڪيڏانهن به ناهي وڃڻو، پاڪستان ۾ ئي رهڻو آهي، جيڪڏهن ڪو گهر اچي به آڇ ڪندو ته به پاڪستان مان ٻاهر نه وينديس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو