144

جي يو آءِ (ف) سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس شوريٰ وڏي ايوان جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل وڏين پارٽين پاران سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هاڻي جي يو آءِ به سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندي. ذريعن مطابق جي يو آءِ (ف) بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس شوريٰ اسيمبلين مان استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ جي پڻ حمايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻي لاءِ سڄي ملڪ جا ڪارڪن تيار آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو