11

جي ڊي اي کي ضلعي سطع تي وڌيڪ فعال ڪرڻ، جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائڻ تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حرن جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھه پير پاڳاري پير سيد صبغت الله شاھه جي صدارت ۾ جي ڊي اي جو اجلاس ڪنگري هائوس ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ جي ڊي اي کي ضلعي سطع تي وڌيڪ فعال ڪرڻ، صوبي ۾ جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائڻ ۽ ھم خيال دوستن کي گڏ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاھه راشدي، سيد غوث علي شاھه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، غوث بخش خان مھر، علامه راشد محمود سومرو، سيد اسماعيل شاھه راشدي، راضي خان جتوئي، مخدوم فضل، سيد جلال شاھه ڄاموٺ، شھريار مھر، عادل خان انڙ، ڊاڪٽر احمد علي شاھه، معظم عباسي، عرفان الله مروت، نڻد ڪمار گوڪلاڻي، نصرت سحر عباسي، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، وريام فقير، علي غلام نظاماڻي، عبدالرزاق راھمون، ڄام ذوالفقار ۽ ٻيا موجود ھئا، اجلاس کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي کي سنڌ ۾ فعال ڪيو ويندو، ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به ڳالھيون ٿيون آهن، اھو به اسان سان گڏ آهي، جي يو آءِ سان سيٽ ايڊجيسٽمنٽ ڪنداسين، پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي اليڪشن لاءِ ٺاھي ھئي ۽ ھاڻي به قائم آهي، ان کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پر جڏھن توھان چاھيندو ته ختم ڪيو ته مان ختم ڪري مسلم ليگ فنڪشنل ميدان ۾ آڻيندس، مونکي ڪوبه نفعو نقصان ناھي، اسان ته دوستن کي گڏ کڻي ھلي رھيا آھيون، جيڪڏهن گڏ نه ٿينداسين اسان کي ڪچو کائي ويندا، پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ اسان اڳ به ڪردار ادا ڪيو ھو ھاڻي به ڪندا رھنداسين، ان موقعي تي سيد صدرالدين شاھه راشدي چيو ته حر جماعت خلاف انتقامي ڪارروايون اڃان تائين جاري آھن، پر اسان جي بزرگن ۽ اسان ننڍپڻ کان ڪاررواين جو مقابلو ڪيو آھي ۽ ڪندا رھنداسين، ڊڄڻ وارا ناھيون، اسان جي لاءِ حر جماعت اولاد جيتري اھميت رکي ٿي، ان لاءِ حر جماعت خلاف انتقامي انتقامي ڪارروايون برداشت نه ڪنداسين، ھن چيو ته جي ڊي اي اڄ به متحد آھي، آئينده به متحد رھنداسين، ھن چيو ته پير پاڳاري يا اسان ڪڏھن به عھدن کي اھميت ناھي ڏني، سياست ۾ تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي آهي، جي ڊي اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضلعي سطع تي ھر 15 هين ڏينھن گڏجاڻي رکنداسين، اجلاس کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو