217

جڏهن ڪشمير بابت اسان جو ردعمل ايندو ته رڙيون دهلي مان نڪرنديون: آزاد ڪشمير جو صدر

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان جو چوڻ آهي ته ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته والاريل ڪشمير تي جڏهن اسان جو ردعمل آيو ته رڙيون دهلي مان نڪرنديون. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سردار مسعود خان جو چوڻ هو ته 9 لک ماڻهن کي پڃري ۾ قيد ڪيو ويو آهي، والاريل ڪشمير ۾ عورتن سان جنسي زيادتيون ڪيون ويون ۽ ڪشميري عورتن جي جسمن تي ڀارتي ظلم جا نشان آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 7 مهينن دوران هندو آڻي آباد ڪيا ويا، ڪشميرين کان انهن جون زمينون کسي انهن تي قبضو ڪيو ويو، جنهنڪري ڪشميري لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته ڀارتي جنتا پارٽي جو مشن آهي ته والاريل ڪشمير کي مسلمانن کان پاڪ ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو