156

حددخليون هٽائڻ ڪو سياسي انتقام ناهي، جيڪڏهن ڪو سياسي رنگ ڏيڻ چاهي ٿو ته اها ان جي مرضي آهي، حليم عادل منهنجي والد لاءِ به غلط ٻولي استعمال ڪئي: مراد علي شاهه

ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  حددخلين خلاف سموري سنڌ ۾ ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ زراعت  ۽ لائيو اسٽاڪ  لاءِ ڏنل 30 سالن جي ليز پڻ ختم ٿي چڪي آهي، ليز واري زمين تي فارم هائوس ۽ ڪمرشل سرگرميون نٿيون ڪري سگهجن ۽ ان کي جيڪڏهن ڪو سياسي رنگ ڏيڻ چاهي ٿو ته اها ان جي مرضي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيدآباد ۾ ميڊياجي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي افسوس ٿيو آهي ته حليم عادل شيخ حددخلين تي ڪارروائي کي سياسي رنگ ڏئي رهيو آهي ۽ هن منهنجي مرحوم والد صاحب لاءِ به غلط ٻولي استعمال ڪئي آهي.  وڏي وزير چيو ته عدليا جي حڪم تي صديون پراڻن ڳوٺن تي به ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ۽ حددخلين هٽائڻ ۾ ڪو به سياسي انتقام ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منڇر ڍنڍ جي سطح هن وقت 111 کان مٿي آهي ۽ ڍنڍ ۾ مڇي جي افزائش جي معلومات پڻ ملي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته آراو پلانٽس جي مرمت جو مسئلو سڄي سنڌ جو مسئلو آهي ۽ تمام جلد سنڌ جي سمورن آر او پلانٽس کي فعال بڻايو ويندو. هن چيو ته عمران خان ماضي ۾ جيڪو ڪجهه چوندو رهيو آهي اڄ هو ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهيو آهي، انهيءَ ڪري ئي کيس يوٽرن خان چوندا آهن. سينيٽ چونڊن تي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين هي اسيمبلي ۾ هليا ويا ته جيئن آئين ۾ ترميم ڪري سگهجي ۽ هاڻ وري غير قانوني آرڊينينس کڻي آيا آهن جڏهن ته آئيني ترميم لاءِ هنن وٽ اڪثريت نه آهي  ۽ مخالف ڌر جي حمايت سان ئي آئيني ترميم ڪري سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته رات جڏهن آرڊينينس پڙهيم ته مون کي حيرت ٿي،  چون ٿا ته جڏهن سپريم ڪورٽ حڪم ڏيندي ته اهو آرڊينينس ڪارائتو ٿيندو ۽  سپريم ڪورٽ کي ان ڳالهه جو نوٽس وٺڻ گهرجي.  وڏي وزير چيو ته جلد بازي ۾ آرڊينينس آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي انهن کي خبر آهي ته هي جن ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏئي رهيا آهن انهن کي ووٽ نه ملندا.  ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيد آباد جي مختلف ڳوٺن ۾ ماڻهن سان تعزيتون پڻ ڪيون.  وڏي وزير ڀان سيد آباد ۾ مرحوم محمد سليمان جمالي ۽ سيٺ محمد عثمان سولنگي جي گهر واري جي لاڏاڻي تي سندن پونئيرن سان تعزيت ڪئي.  ان موقعي تي ايم اين اي سڪند ر علي راهپوٽو، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ڄامشورو جو صدر سيد آصف علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر  ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ ،  ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کيتران، پ پ  اڳواڻ رئيس امان االله شاهاڻي ۽ سردار حاڪم علي نوحاڻي به ساڻس گڏ هئا. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ جي ٻن ڏينهن جي مختصر دوري کانپوءِ ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو