209

حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تحريڪ انصاف اميدوار ارم بٽ جو تجويز ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سندس پروڊڪشن آرڊر جي درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ ڏني هئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حليم عادل کي پروڊڪشن آرڊر تي اليڪشن ڪميشن سنڌ نه آندو ويندو. اليڪشن ڪميشن چيو ته حليم عادل شيخ جي تجويز ڪندڙ واري تصديق ايس آءِ يو ۾ ئي ٿيندي ۽ پولنگ آفيسر نديم حيدر حليم عادل شيخ سان ملاقات ڪرڻ ٿاڻي تي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو