ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مون پوليس کي گرفتارين جو ڪوبه حڪم ناهي ڏنو. مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي وڊيو بيان تي ردعمل ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڇا حليم عادل شيخ کي مون چيو هو ته ملير ۾ جديد هٿيار کڻي وڃي؟ هڪ ماڻهو هٿيار کڻي وڃي ۽ فائرنگ ڪرائي ته ڇا قانون خاموش ويهندو؟ هن چيو ته حليم عادل شيخ خلاف ڪارروائي پوليس قانون موجب ڪري رهي آهي، مون پوليس کي گرفتارين جو ڪوبه حڪم ناهي ڏنو، ائين ناهي ته پ پ يا پي ٽي آءِ جو ماڻهو قانون کان مٿي هجي، اسيمبلي ميمبر به اهڙو ڪم ڪندا ته سندن خلاف قدم کنيا ويندا.
