ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)تربت جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيات بلوچ قتل ڪيس ۾ نامزد ايف سي اهلڪار کي موت واري سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. حيات بلوچ کي ايف سي اهلڪار شادي الله پنهنجي سرڪاري بندوق سان گوليون هڻي قتل ڪيو هو. 13 آگسٽ 2020ع تي تربت آبسر ۾ ايف سي جي قافلي تي بم ڌماڪي ۾ صوبيدار سوڌو 3 اهلڪار زخمي ٿيا هئا. واقعي کانپوءِ ايف سي اهلڪار شادي الله ويجهو کجور جي باغن ۾ موجود ڪراچي يونيورسٽي جي بي ايس فزيالاجي جي شاگرد محمد حيات بلوچ کي پنهنجي سرڪاري بندوق سان گوليون هڻي قتل ڪيو هو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ مان سخت ردعمل اچڻ کانپوءِ ملوث ايف سي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي اڄ عدالت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
