202

ٻنون ۾ حيدرآباد ۾ قتل ڪيل نينگر عثمان سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مارچ

ٻنون ۾ حيدرآباد ۾ قتل ڪيل نينگر عثمان سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مارچ

دڙو (ن سوڀ) ٻنون ۾ جسقم، ينگ سومرا آرگنائيزيشن ۽ ٻين ڌرين طرفان حيدرآباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءَ ھٿان مبينا طور تشدد ڪري قتلڪيل نوجوان عثمان سومرو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتول نوجوان جي وارثن کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ خلاف جسقم، ينگ سومرا آرگنائيزيشن، ڪيو اي ٽي، ايس ٽي پي، جي يو آئي ۽ واپاري اڳواڻن سرفراز سومرو، ڪامريڊ عزيز سومرو، ڪامريڊ شوڪت سومرو، عزيز سومرو، ابراھيم سومرو، اشرف پليجو، عبدالڪريم پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻن ۾ ڊڀو موري کان ٻنون شھر تائين 2 ڪلو ميٽرن تائين پيادل لانگ مارچ ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاھرين خطاب ڪندي چيو ته شھيد عثمان سومرو جا قاتل سري عام آزاد گھمي رھيا آھن ۽ ڪيس جا فريادي جيل ۾ سزا ڀوگي رھيا آھن، ھنن چيو تہ ماجد خاصخيلي کي ٽي مھينا اڳ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ھٿڪڙيون ھڻي جيل موڪليو ويو، پر  جاچ آفيسر سراج لاشاري  جوابدار ڌر  کان پئسا وٺي ڪيس ۾ ردوبدل ڪري قتل کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏي، ھنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ ٻين اعلي ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو