74

حيدرآباد مان عورتاڻي آواز تي هرکجي ملاقات لاءِ ويل فنڪشنل ليگ اڳواڻ کنڀجي ويو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) فنڪشنل ليگ اڳواڻ عورتاڻي آواز تي هرکجي اڻڄاتل ماڻهن هٿان کنڀجي ويو آهي. قاسم آباد واسي نوجوان فنڪشنل ليگ اڳواڻ اسد مبين سهتو عورتاڻي آواز تي هرکجي فون تي طئي ڪيل ملاقات تحت قاسم آباد جي الفجر ريسٽورنٽ تي پهتو ته ويگو ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو هٿيارن جي زور تي کيس اغوا ڪري ويا. ان سلسلي ۾ مغوي اسد مبين سهتو جي ڀاءُ اختر مبين سهتوجو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن کان عورتاڻي آواز ۾ ساڻس ڪو رابطي ۾ هو، جنهن سان ملاقات طئي ٿيڻ کانپوءِ هو ملڻ لاءِ ويو ته ويگو ۾ سوار هٿياربندن کيس اغوا ڪيو، جنهن جو هن وقت تائين ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي بازيابي لاءِ قدم کڻي کيس بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو