7

حيدرآباد پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)  حيدرآباد پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس رات جو محبوب لغاري کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، زخمي محبوب لغاري سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد سندس وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان جي وارثن ظفر لغاري ۽ ٻين چيوته  مارجي ويل محبوب لغاري ۽ منهنجي پٽ کي 8 مئي تي پوليس کنڀي وئي، جنهن کي گذريل رات ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو، سب انسپيڪٽر آصف جتوئي گهر  ۾ ڪارروائي ڪئي، پوليس ڇڏڻ جا آسرا ڏيندي رھي، رات جي وقت جڙتو مقابلي جي پڌرائي ڪئي وئي، بي سيڪشن پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد محبوب کي سول اسپتال داخل ڪرايو ويو هو، جتي هو فوت ٿيو آهي، جن پوليس اهلڪارن آسرا ڏنا انھن ئي فون ڪري چيو پنھنجو لاش کڻي وڃو، وارثن موجب جيڪڏهن اسان جا ڇوڪرا ڏوهاري هئا ته انهن جي گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪري سزائون ڏيارين ها، هنن مطالبو ڪيوته جڙتو مقابلي ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو