لاهور(م ڊ) اينٽي ڪرپشن پنجاب هائو سنگ سوسائٽي ڪيس ۾ ڪارروائي ڪندي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جي گهرواري نصرت خواجه ۽ پٽ اسد خواجه ۽ سيالڪوٽ جي اڳوڻي ميئر توحيد اختر سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته ريفرنس ۾ قومي خزاني کي 7 ڪرڙو 80 لک رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، جوابدارن غير قانوني طور سرڪاري زمين کي سوسائٽي ۾ شامل ڪيو، زمين ۾ شامل ڪري سرڪاري خزاني کي 6 ڪروڙ 50 لک رپين جو نقصان پهچايو. 950
212