142

حڪمرانن ٽن سالن ۾ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، کين نه ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻي ڪٺ پتلي تماشو ۽ ڊرامي بازي نه هلندي، هاڻي فيصلا اوهان نه ڪندا، هاڻي توهان کي ٻڌائينداسين ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڳ ۾ ئي چيو هو ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بڻائينداسين، اسان توهان جو مقابلو سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ به ڪنداسين، سينيٽ چيئرمين واري چونڊ به گڏجي وڙهنداسين ۽ کين ٽف ٽائيم ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان چيو هو ته اسان اها سيٽ کٽي وياسين ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، عمران خان ڊڄڻو آهي، چونڊن کان ڊڄي ٿو، پهرين اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڀڳو  ۽ هاڻي نئون ڊرامو سامهون آندو آهي، هاڻي فيصلا اوهان نه ڪندا، خان صاحب مان اوهان کي ٻڌائيندس ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو، جيئن ئي پي ڊي ايم حڪم ڏيندي اسان عدم اعتماد ڪنداسين. هن چيو ته اسان سينيٽ جي چونڊ سياست ۽ لاڳاپن جي بنياد تي وڙهي، گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ووٽ ڏيڻ چاهين پيا پر ڏئي نه سگهيا، حڪومتي بئنچن تي جيڪي ماڻهو ويٺل آهن انهن جون دليون اسان سان گڏ آهن، توهان کي توهان جي ماڻهن رجيڪٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان توهان کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين، توهان ٽن سالن ۾ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، توهان کي نه ڇڏينداسين، اسان عوام جو آواز پارليامينٽ تائين پهچائينداسين ۽ کين ٽف ٽائيم ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو