27

حڪمران خاموشي سان اسلام خلاف قانونسازي ڪن پيا: مولانا فضل الرحمان

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪمران خاموشي سان اسلام خلاف قانونسازي ڪن پيا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف ۽ عورت تشدد جو بل اسلام ۽ آئين جي خلاف آهي،زبردستي منظور ڪرايو ويو آهي، موجوده حڪمران ايجنڊا تحت ملڪ کي سيڪيولرازم ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتون روز وڌن پيون،نااهل حڪمرانن جي اها ناڪام پاليسي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو