124

حڪومت اردو کي سرڪاري زبان طور لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ اردو کي سرڪاري زبان طور لاڳو ڪرڻ بابت توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال رماڪس ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت اردو کي سرڪاري زبان طور لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،  عدالت 2015ع ۾ اردو کي سرڪاري زبان طور لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، آرٽيڪل 251 ۾ قومي زبان سان گڏ علائقائي زبان جو پڻ ذڪر ٿيل آهي،  مادري ۽ قومي زبان کانسواءِ اسان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهنداسين، منهنجي راءِ ۾ اسان کي پنهنجي بزرگن وانگر فارسي ۽ عربي زبانون به سکڻ گهرجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو