10

حڪومت جون تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪامياب، سعد رضوي آزاد، ڌرڻا ختم، پابندي نه هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد /لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجا احتجاجي ڌرڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته  حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي کي جيل مان آزاد  ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي سان حڪومتي نمائندن ۽ عالمن جي وفد گذريل ڏينهن جيل ۾ ڳالهيون شروع ڪيون هيون جيڪي رات دير تائين هلنديون رهيون. جنهن کان پوءِ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اڱاري ڏينهن صبح جو سوير ٽويٽر تي هڪ ويڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان قومي اسيمبلي ۾ فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي مطالبي جو ٺهراءُ پيش ڪنداسين، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان مسجد رحمت اللعالمين سميت سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪيا ويندا. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملي کي اڳتي وڌايو ويندو ۽ فورٿ شيڊيول سميت جن جي خلاف ڪيس داخل آهن، اهي به ختم ڪيا ويندا. ٻي پاسي ڳالهين جي ڪاميابيءَ کان پوءِ  پنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد حسين رضوي کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه پوري ملڪ مان گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو، انهن خلاف وڳوڙن سميت معمولي نوعيت جا ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ جن اڳواڻن کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن جا نالا به ان فهرست مان ڪڍيا ويندا. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن بابت وزير نور الحق قادري ميمبرن کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ٿيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ جو ڪو فيصلو نه ٿيو آهي، ان تي پابندي برقرار رهندي، ٽي ايل پي ڪارڪنن تان قتل جا ڪيس به واپس نه ورتا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ناموس رسالت تي سڄي قوم متحد ۽ هڪ زبان آهي، ٽي ايل پي جو مقصد ٺيڪ آهي پر طريقي ڪار درست نه هو، عالمي سطح تي مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ٻي پاسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جن تي ڪيس داخل آهن اهي عدالتن ۾ ويندا، جن تي قتل جا ڪيس آهن، انهن کي نٿا ڇڏي سگهون، اهو نٿو ٿي سگهي ته شهيد پوليس اهلڪارن کي وساري ڇڏيون. فواد چوڌري چيو ته تاريخ ۾نفرت پوکينداسين ته محبت نه لڻنداسين، عمران خان جي حڪومت جو عزم آهي ته پاڪستان کي پروگريسو پاڪستان ٺاهڻو آهي، مديني جي رياست ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪيو ويندو هو. هوڏانهن حڪومت سان ڳالهين جي ڪاميابيءَ کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجو لاهور ۾ مسجد رحمت اللعالمين وٽ لڳل آخري ۽ مکيه ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ 12 اپريل کان بند ٿيل پنڊي اسلام آباد ميٽرو پڻ اڄ کان هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو