164

حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو، مهانگائي سبب عوام آزار ۾ آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته روز مره جي استعمال جي شين سميت ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي، ملڪ تي قرضن جو بار وڌي ويو آهي، هي ملڪ اسان سڀني جو آهي ان لاءِ اسان کي معاشي صورتحال تي ڳڻتي آهي. قومي اسيمبلي ۾ مهانگائي تي بحث ۾ حصو وٺندي راجا پرويز اشرف چيو ته مهانگائي پاڪستان جي هر گهر ۽ هر شهري جو موضوع آهي، سڀ چئي رهيا آهن ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي. وزيراعظم چونڊ مهم ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي نعري تي هلائي هئي. حڪومت قرض نه وٺڻ ۽ بجلي کي سستو ڪرڻ جا اعلان ڪيا، هڪ ڪروڙ ماڻهن کي روزگار ۽ 50 لک گهرن جا واعدا به ڪيا، اڍائي سال گذري وڃڻ کانپوءِ عوام اهو سمجهڻ ۾ حق تي آهي ان سان دوکو ڪيو ويو آهي ۽ ان کي سبز باغ ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي واعدا ڪيا ويا انهن جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، 158 ڊالر في بيرل قيمت جي وقت اسان جي حڪومت 4 روپيا يونٽ بجلي ڏني، اڄ 60 ڊالر في بيرل تيل جي قيمت آهي پر بجلي 28 روپيا في يونٽ ملي رهي آهي، هن چيو ته حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، جيڪو ڪجهه آءِ ايم ايف وارا چوندا آهن اهو بغير ڪجهه چوڻ جي تسليم ڪيو ويندو آهي. بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي سان هر شيءَ جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو آهي. هن چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي سان آبادگارن کي فائدو ناهي ٿيو، فائدو ذخيرو ڪندڙن، مڊل مين ۽ مافيا کنيو آهي. اسان جي حڪومت به آءِ ايم ايف کان قرض ورتا آهن، پر اسان هڪ هفتي ۾ ٻه ٻه ڀيرا بجلي جون قيمتون ناهن وڌايون، اڄ گردشي قرض 3 کرب روپيا ۽ بجلي جي قيمت 28 روپيا يونٽ جي ويجهو آهي، نقصان جو احساس ڪرڻ گهرجي. اهو ملڪ اسان سڀني جو آهي، حڪومت اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب روپين جو قرض وڌايو آهي، ووئڻن جي فصل جو رقبو 1982ع جي سطح تي اچي ويو آهي، بجلي جون قيمتون ڇو وڌي رهيون آهن ۽ سرڪلر ڊيٽ 3 کرب ڪيئن ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو