اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت هاڻوڪي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ٻيهر ان عهدي لاءِ پنهنجو اميدوار برقرار رکيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ حڪومتي اميدوار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.
