22

حڪومت پاران نيشنل يوٿ ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو، 50 نوجوان ميمبر هوندا: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير عمر اسد نوجوانن لاءِ خوشخبري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران خان سڄي جدوجهد نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪئي آهي ۽ هاڻي به نيشنل يوٿ ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته يوٿ ڪائونسل جي سربراهي عمران خان پاڻ ڪندو ۽ ملڪ جي 50 نوجوانن جي چونڊ ڪئي ويندي. هن چيو ته نوجوان وزيراعظم سان ملي اهي پاليسيون جوڙيندا جن جي نوجوانن کي ضرورت هوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ عمران خان جي جدوجهد ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي، يوٿ ڪائونسل جي چونڊ جو طريقيڪار انتهائي شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي، نوجوان ڪامياب جوان جي ويب سائيٽ تي اپلائي ڪري سگهن ٿا، 50 بهترين قابل نوجوانن کي ڪونسل جي ميمبرشپ ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو