167

حڪومت کي ڏکيائيون ٿيون ته اُن جو به آواز ٿينداسين: گيلاني

اسلام آباد ( بيورور پروٽ ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سموري اپوزيشن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، حڪومت کي ڏکيائيون ٿيون ته اُن جو به آواز ٿينداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجو پهريون خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان حڪومت طرفان به ڳالهائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن آئون وزير اعظم هيس ته  ان وقت جيڪڏهن وزيرن کي ايوان ۾ جواب ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي ته آئون جواب ڏيندو هوس. هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيڪي تڪليفون آهن انهن جو تدارڪ اسان سڀني کي ڪرڻو آهي، عوام جي ترجماني اسان جو فرض آهي، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته مون کي چيو ويو هو ته سينيٽ ۾ وڏي عمر جا ماڻهو آهن پر اڄ ڏسو ته هتي نوجوان وڌيڪ آهن. احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ايوان سينٽ ٺاهيو ويو، جيڪڏهن هي سينيٽ اڳ ئي هجي ها ته نه ملڪ ٻه اڌ ٿئي ها نه بنگلاديش ٺهي ها. يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽر ٿيڻ ڏکيو آهي، آئون قومي اسيمبلي ميمبر جي چونڊ وڙهندو رهيس ان ڪري خبر نه هئي ته سينيٽر جي چونڊ ڪيتري ڏکي آهي. هن چيو ته مون پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي حمايت سان سينيٽ چونڊن ۾ حصو ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو