135

حڪومت کي گذريل 10 سالن دوران مليل تحفا ظاهر ڪرڻ گهرجن: عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وزيراعظم عمران خان کي مليل تحفن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي گذريل 10 سالن دوران مليل تحفا ظاهر ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪو دفاعي تحفو مليو آهي ته اهو ڀلي ظاهر نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ هار تحفي ۾ ڏنو آهي ته پوءِ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟، حڪومت پرڏيهه مان مليل تحفا نه ٻڌائي ڇو شرمندي ٿي رهي آهي؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو