98

حۡڪمرانن آءِ ايم ايف کان قرض وٺي پنهنجا کيسا ڀريا آهن: سراج الحق

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن آءِ ايم ايف کان قرض وٺي پنهنجا کيسا ڀريا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وياج سميت قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ هاڻي عوام جو رت چوسي رهيا آهن،آءِ ايم ايف کان هن وقت تائين 22 ڀيرا قرض ورتو ويو، هر ڀيري چون ٿا معيشت بحال ٿيندي، قوم ڏسي رهي آهي ته هن ڀيري قرض وٺڻ کانپوءِ به معيشت کي وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته عوام کي اپيل آهي ته هاڻي ايماندار قيادت کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو