157

علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز، لکين ماڻهو شريڪ

لاهور(م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز ميناري پاڪستان گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڪارڪنن ۽ عقيدتمندن سميت لکين ماڻهن  شرڪت ڪئي، جڏهن ته جنازي نماز سندس پٽ علامه سعد حسين رضوي پڙهائي، ان موقعي تي هر موڻهو سوڳوار هو، جنهن کانپوءِ خادم حسين رضوي جو پٽ علامه سعد حسين ٽي پي ايل جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو، سندس مقرري جو اتي ئي اعلان ڪيو ويو، هن نئين سربراهه جي حيثيت سان حلف کنيو، ان کان اڳ حافظ سعد حسين رضوي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو