91

خانواهڻ ۾ ظالم پيءُ ماني دير سان پچائڻ تان پنهنجي 14 ورهين جي نوجوان ڌيءَ کي ڪهاڙيون هڻي ماري ڇڏيو

خانواهڻ (ويب ڊيسڪ) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلو پنجاپي ۾ ماني دير سان پچائڻ تان جنوني پيءُ عبدالجبار راجپوت ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي 14 ورهين جي نوجوان غيرشادي شده ڌيءَ مقدس راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي خانواهڻ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڊيارو اسپتال پهچايو، معلوم ٿيو آهي ته جنوني پيءُ ماني دير سان پچائڻ تي مڇرجي پنهنجي ڌيءَ مقدس راجپوت تي ڪهاڙين جا لڳاتار وار ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، دانهن تي ان جي امڙ ۽ ڀيڻ کيس بچائڻ لاءِ پهتيون ته جنوني جوابدار مٿن به حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن ڀڄي پنهنجي جان بچائي ۽ جوابدار عبدالجبار راجپوت ڪهاڙي سميت فرار ٿي ويو، جنهن کي بعد ۾ خانواهڻ پوليس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو ته جنوني پيءُ عبدالجبار راجپوت ماني دير سان پچائڻ تي پنهنجي نوجوان ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وارث اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وڌايو ويندو، ٻئي پاسي قتل ٿي ويل مقدس راجپوت جو ڪنڊيارو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر صدف ٽانوري ٻڌايو ته مارجي ويل ناري کي ڪنڌ ۾ ڪهاڙيون لڳل آهن جنهن سان سندس موت ٿيو، حتمي رپورٽ 3 ڏينهن اندر جاري ڪئي ويندي. هوڏانهن مقتوله مقدس راجپوت جي گهر ۾ قهرام متل هو، وارث مرد ۽ عوتون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي جنوني قاتل کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا، علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو