35

خيبرپختونخواهه جي سمورين يونيورسٽين ۾ نون ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سمورين يونيورسٽين ۾ نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن لاءِ پينشن جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي. صوبي جون يونيورسٽيون سخت مالي بحران جو شڪار آهن، خيبرپختونخواهه جي تعليم کاتي صوبي جي سمورين يونيورسٽين ۾ مالي خساري کان بچڻ لاءِ نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي پينشن واري سهولت ختم ڪري ڇڏي آهي. هائير ايجوڪيشن خيبرپختونخواهه جي پڌرائي مطابق صوبي جي يونيورسٽين جي نگراني هيٺ هلندڙ اسڪولن جي فيس تي به نظرثاني ڪري فيس وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين جي ملازمن جا ميڊيڪل ۽ هائوس الائونس تبديل ڪري صوبائي حڪومت جي اسڪيل برابر ڪيا ويندا، جڏهن ته مرمت، سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن لاءِ ڪئمپس اندر رهندڙ ملازمن کان پئسا وصول ڪيا وڃن ته جيئن يونيورسٽين تي گهٽ کان گهٽ خرچ جو وزن پوي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو