پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ هڪ ڊاڪٽر جي حياتي کسي ورتي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙ ڊاڪٽرن جو انگ 45 ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق ايوب ٽيچنگ اسپتال جي ميڊيسن شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نصير احمد جي گهر واري ڊاڪٽر انيلا نصير ڪورونا سبب دم ڏنو، هو وائرس سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هئي. ڊاڪٽر انيلا نصير گائني جي اسپيشلسٽ هئي ۽ ڪيترن ئي سالن کان سرڪاري اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي.
