23

خيبرپختونخواه جي علائقي مهمند ۾ ٽينڪي جي ديوار ڪرڻ سبب 7 ٻارڙا فوت، هڪ شديد زخمي

خيبرپختونخواه (ويب ڊيسڪ) مهمند ۾ پاڻي جي ٽينڪي جي ديوار ڪرڻ سبب 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا، رپورٽ مطابق هي افسوسناڪ واقعو ضلع مهمند جي تحصيل امبار جي علاقي گمبتي ۾ پيس آيو، ريسڪيو مطابق جنهن وقت حادثو پيش ايو ته ٻار ٽينڪي ۾ راند کيڏي رهيا هئا، اچانڪ 2 سائيڊن کان ديوار ٻارن تي ڪري پئي، رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته ديوار ڪرڻ سبب 7 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، هڪ ٻار کي زخمي حالت ۾ ملبي مان ڪڍيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿيل ٻارن ۽ زخمي ٿيڻ وارن جي عمر 4 کان 12 سال جي درميان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو