258

خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعو: صوبائي حڪومت ڊائريڪٽر سوڌو 9 ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) صوبائي حڪومت خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعي جو نوٽيس وٺندي اسپتال جي ڊائريڪٽر سوڌو 9 ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي مطابق صوبائي حڪومت خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعي جو نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر سوڌو 9 ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. گذريل ڏينهن واري واقعي کانپوءِ وڏي وزير محمود خان جي هدايت تي صحت واري صوبائي وزير تيمور خان جڳهڙا اسپتال جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي 48 ڪلاڪن اندر آڪيسجن جي کوٽ سبب ٿيندڙ موتن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته بورڊ 48 ڪلاڪن کان اڳ ئي پنهنجي رپورٽ صوبائي حڪومت کي جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو ته اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم طاهر سميت 9 لاڳاپيل ماڻهن کي معطل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو