46

خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: ڪامران بنگش

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڪامران بنگش انڪشاف ڪيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ اپوزيشن پارٽين طرفان پي ٽي آءِ ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن جا ثبوت پارٽي قيادت جي مشوري سان جلد ميڊيا سامهون رکيا ويندا. پشاور ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪامران بنگش ٻڌايو ته پي پي پي ۽ اي اين پي طرفان پي ٽي آءِ جي صوبائي اسمبلي ميمبرن کي آفرز ڏنيون ويون جيڪي هنن ٿڏي ڇڏيون ۽ ان حوالي سان فوري طور پي ٽي آءِ قيادت کي آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو