ليکڪ: حنيف ارباب ڦلپوٽو
خيرپور ضلعي ۾ اٽي جو بحران ڏينهون ڏينهن سخت ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اٽو مافيا پاران اٽي جي قيمتن ۾ من پسند واڌ جو سلسلو رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، اٽو مافيا خيرپور ضلعي ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري في ڪلو 65 کان 70 رپيا عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري رهي آهي، پر ضلعي انتظاميا توڙي پرائس ڪنٽرول اٿارٽي خاموشي جو روزو رکي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انگن اکرن ۽ حقيقتن تي نظر ڪجي ته ضلعي اندر خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ لکين مڻ ڪڻڪ موجود آهي، ائين ڪري چئون ته ضلعي اندر ڪڻڪ جون لکين ٻوريون گدامن ۾ پيون آهن پر اهي ڪڻڪ جون ٻوريون فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي امدادي اگهه تي ڏيڻ بدران سرڪاري گدامن ۾ رکي رکي خراب ٿي رهيون آهن، ٻورين مان ڪڻڪ جي چوري ڪري ملاوٽ ڪرڻ جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن، پر خوراڪ کاتي جون اعليٰ اختياريون ۽ ضلعي انتظاميا ان حوالي سان اکيون ٻوٽي ويٺل آهن، اٽي جي قيمت ۾ مافيا پاران من پسند واڌ جي شڪايتن ۽ خبرن تي ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي جي گڏيل تعاون سان شهر ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سستي اٽي جا اسٽال ته لڳايا ويا آهن پر اهي فوٽو سيشن جي حد تائين محدود بڻيل آهن ۽ ضلعي جا لکين ماڻهو ان مان فائدو وٺڻ کان محروم آهن، ڇو ته محدود حد تائين ايڏي وڏي آبادي واري شهر ۾ لڳل هڪ يا ٻه اسٽالن تي نيٺ ڪيترا ماڻهو اچي اٽو خريد ڪري سگهن ٿا. گڏوگڏ سستي اٽي وارن اسٽالن تي غير معياري اٽو وڪڻڻ جا پڻ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن، اهو سبب به آهي جو ماڻهو سستي اٽي جي اسٽالن مان ڪو خاص فائدو نه وٺي سگهيا آهن، خيرپور جي شهرين اٽي جي هٿرادو پيدا ٿيل کوٽ ۽ مافيا پاران اٽي جي قيمتن ۾ هٿرادو واڌ واري شڪايت تي ڏٺو وڃي ته خوراڪ کاتي جي عملدارن جا ٺٺ ٿي ويا آهن، خوراڪ کاتي پاران ڊي ايف سي جي سڻڀي پوسٽ تي هڪ مهيني اندر 3 مختلف ڊي ايف اوز مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن جي پويان پڻ مال تي ڌمال جون خبرون هلندڙ آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا خيرپور پاران اٽي جي هٿرادو پيدا ڪيل بحران توڙي قيمتن ۾ غيرقانوني واڌ خلاف ڪا به ڪارروائي ٿيندي نظر نٿي اچي پر اهو ضرور آهي ته سستن اسٽالن تي فوٽو سيشن لاءِ ضلعي انتظاميا جا وڏا وڏا آفيسر پهچي وڃن ٿا، خيرپور ضلعي جي هر شهر ۾ هن وقت اٽو مختلف اگهن تي ملي ٿو، مثال طور خيرپور جي اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جو اگهه 65 کان 70، راڻيپور ۾ 70 کان 75، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ پڻ ساڳي ريت اٽو مختلف اگهن تي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿئي ٿو، جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽورن جي حالت ته وري ضلعي انتظاميا جي قدمن کان به خراب آهي، اتي ته اٽي سميت عام واهپي جون ٻيون شيون اڻلڀ بڻيل آهن، جيڪڏهن اچن به ٿيون ته اسٽور انچارج ڄاڻايل سامان راتورات سستي اگهه تي عوام کي ڏيڻ بدران دڪاندارن کي ڏئي ڇڏين ٿا ۽ عام ماڻهو وفاق جي ڏنل اهڙي سهولت کان مڪمل طور تي ڪٽيل آهي، نتيجي طور وفاق توڙي صوبائي سطح تي عوام رليف کان محروم بڻيل آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان بهتر قدمن جا اعلان ته ڪيا آهن ۽ اٽي جي في ڪلو قيمت 43 رپيا مقرر ڪئي آهي پر حڪومت جي اهڙن قدمن تي عمل ڪرائڻ ضلعي انتظاميائن جو ڪم هوندو آهي ۽ خيرپور ضلعي ۾ سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل ضلعي انتظاميائي هٿ وٺي صوبائي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي، ان حوالي سان خيرپور ۾ روز ڪمائي کائيندڙ هزارين پورهيت ٻن ويلن جي ماني پيٽ ڀري کائڻ محروم بڻيل آهن، هتان جي رهواسين سنڌ حڪومت سميت چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي شهر ۾ ماڻهن کي سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه تي اٽو ڏياريو وڃي ۽ سرڪار جي قدمن تي عمل نه ڪندڙن ۽ انهن سان ڀاڱي ڀائيوار ضلعي عملدارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن جيئن پيپلزپارٽي جي حڪومت جي ويزنري قدمن جو هيٺين سطح تي عوام کي به لاڀ ملي ۽ گورننس جي صورتحال به بهتر ٿئي ۽ عوام کي احساس ٿئي ته عوامي حڪومت عوام لاءِ کنيل قدمن جا ثمر انهن تائين پهچائڻ لاءِ سنجيده آهي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن سمورا اختيار ضلعي انتظاميا حوالي ڪيا ويا ته هڪ طرف عوام پيڙهبو رهبو ۽ ٻئي طرف ماڻهن جي من مان حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي جي محبت به ختم ٿي ويندي.