خيرپور /شادي شهيد (رپورٽ: ثناءُ الله ميمڻ /صابر سعيد مهيسر) خيرپور ۾ثقافتي عيد جا رنگ نکري پيا، جشن، ”سوڀ“ جي سڏ تي درگاهه لونگ فقير تي حاضري، دعائون، روزاني ”سوڀ“ ۽ ڌرتي ميڊيا گروپ ۽ سنڌي ميڊيا جي سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ واري ڏنل سڏ جي سلسلي ۾ خيرپور جي مکيه تقريب خيرپور ڀرسان درگاهه لونگ فقير تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ درگاهه لونگ فقير جي سجاده نشين فقير شير علي ڏيٿو، ف ليگ سنڌ ڪائونسل جي صوبائي ميمبر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، روزاني ”سوڀ“ ضلعي خيرپور جي رپورٽر ثناءُ الله ميمڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، ثقافتي عيد جي موقعي تي درگاهه لونگ فقير جي احاطي ۾ ٿيل تقريب جي موقعي تي درگاهه جي وک وک کي اجرڪن سان سينگاريو ويو هو، بعد ۾ درگاهه لونگ فقير جي سجاده نشين فقير شير علي ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن درگاهه لونگ فقير تي گلن جي چادر چاڙهي سنڌ ۾ نفرتن جي خاتمي، سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خصوصي طور تي دعائون پڻ گهريون، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ثقافت مٿان جڏهن چٿر ٿي ۽ قومي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ثقافتي لباس پائي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته ”سوڀ“ سٿ طرفان منفرد انداز ۾ ڪيل اهو فيصلو جس لهڻي جنهن ۾ ثقافتي پروگرامن سان گڏ سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي حاضري ڀري اتي سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ خصوصي طور تي دعائون گهرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ڇوته سنڌ صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جن جي ڏنل پيغام ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو ۽ اڄ به موجوده نفرتن واري ماحول ۾ انهن بزرگن جي پيغام ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي ٿو، تقريب کي سوشل ويلفيئر آفيسر خيرپور حفيظ الله شيخ، شاهنواز ڦلپوٽو، جوائنٽ سيڪريٽري سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي مرڪزي صدر حاڪم علي رند، فقير غلام نبي خاصخيلي، عابد علي چنا، غلام شبير ڦلپوٽو، شاهنواز ڦلپوٽو، گل مير ڦلپوٽو، سعد ميمڻ، فقيرنشاد مهيسر، لالااحمد خان،فيض محمد سومرو، اعجاز علي ڪانڌڙو، محمد اسماعيل ميتلو، ارشاد جوڻيجو، لاکا ويلفيئر جي اڳواڻ احسان علي لاکو،ڪانگو لاکو، ڪوڙل ڪٽوهر، فقيرمنور علي ڏيٿو، روزاني ”سوڀ“ شادي شهيد جي رپورٽر صابر سعيد مهيسر، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جي ناليواري سگهڙ حاڪم علي رند ٻولي، ڏهس، بيت ۽ پروليون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، ناليواري راڳين سنڌ جا قومي گيت ڳائي ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ان کان اڳ درگاهه لونگ فقير جي سجاده نشين فقير شير علي ڏيٿي طرفان تقريب جي خاص مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا. بعد ۾ درگاهه لونگ فقير جي سجاده نشين فقير شير علي ڏيٿي جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي پڻ ڪڍي وئي.، هوڏانهن خيرپور جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن، سماجي تنظيمن، سوشل ورڪرن، نوجوانن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين پاران 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو ۽ الڳ الڳ تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ سنڌ جي ثقافت کي دنيا تائين اجاگر ڪرڻ لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا ويا، شهر جي مک چوڪن چوراهن تي سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن جا سستا اسٽال لڳايا ويا، ثقافتي اسٽالن تي نوجوانن ۽ نارين پاران خريداري وڏي جوش جزبي سان ڪئي، جڏهن ته سنڌي گيتن تي نوجوانن ۽ شهرين هنڌ هنڌ رقص پڻ ڪيا، ننڍڙن ٻارڙن سنڌي اجرڪ جو لباس ٺهرائڻ بعد ان کي اوڍائي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ته والدين نياڻين ۽ نوجوانن جي چهري تي سنڌ سان محبت جا تاثرات ڏسي خوشيءَ مان نير وهائيندي به نظر آيا، هن سلسلي ۾ خيرپور جي سماجي اڳواڻن شيردل زاهد خان ڦلپوٽو، واپاري اڳواڻ حاجي لالا عبدالغفار شيخ، عاشق حسين عباسي، ايڊووڪيٽ رضا سومرو، نثار ڦلپوٽو، پيس ڪميٽي اڳواڻ آفتاب احمد شيخ، حنيف عباسي، مزدوريونين اڳواڻ ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو، سماجي اڳواڻ نصيراحمد شيخ، انجنيئر محمد يوسف شيخ، فيصل الطاف ميمڻ، اڪرم راجپوت زين العابدين ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صدين کان آباد آهي سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، جنهن جو ثبوت سنڌ ۾ لکين بزرگن جون درگاهون موجود آهن، هنن چيو ته سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ،مهمان نوازي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مشهور آهي، هنن چيو ته زنده قومون هميشه پنهنجي ثقافت کي اجاگر رکنديون آهن، جنهن ڪري سنڌ جا وارث 5 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ جو ثقافتي ڏينهن ملهائي دنيا تائين سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ واري وچن کي هر سال جيان هن ڀيري به جوش ۽ جزبي سان ثقافتي عيد ملهائي آهي.
