229

دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀائرن جو ڀيڻ تي تشدد، زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو

دادو (ڊر) دادو ۾ ڀائرن سڱاوتي تڪرار تان تشدد ڪري ڀيڻ سڪينا مستوئي کي گهر اندر زنجيرون هڻي قيد ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ايس ايڇ او ۽ وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي پوليس ٽيم ساڻ ڪري گهر تي ڇاپو هڻي عورت کي زنجيرن سان ٻڌل حالت ۾  بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو. جڏهن ته ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان موقعي تي تشدد جو شڪار بڻيل عورت سڪينا مستوئي ٻڌايو ته مڙس اعجاز مستوئي تشدد ڪندو هو، تحفظ لاءِ ڀائرن نياز مستوئي ۽ ٻين وٽ پهتس ته هنن وري زنجيرن سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو