ليکڪ: عباس ڪوريجو
دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ مال ”دبئي مال“ دبئي ۾ آھي،دنيا جو وڏي ۾ وڏو ھٿرادو ڦوھارو”دبئي فائونٽين“ دبئي ۾ آھي،دنيا جو وڏي ۾ وڏو قدرتي گلن جو باغ ”مئريڪل گارڊن“ دبئي ۾ آھي،دنيا جو وڏي ۾ وڏو انڊور ٿيم پارڪ “IMG World of Adventures” دبئي ۾ آھي،دنيا جو وڏي ۾ وڏو ھٿرادو ٻيٽُ ”دي پام جميرا“ دبئي ۾ آھي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽاور ”دبئي ڪريڪ ٽاور“ دبئي ۾ ٺھي رھيو آھي جيڪو پڻ 828 ميٽر ڊگھو ھوندو،دبئي گھڻين وڏين آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ عمارتن جو شھر آھي، جيڪي 300 ميٽر يا ان کان به وڌيڪ آھن، جنھن جو پڻ ورلڊ رڪارڊ مليل اٿس،دبئي ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي فريم جي شڪل ۾ بلڊنگ تيار ٿيل آھي، جنھن کي دبئي فريم جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو،دنيا جون مھانگيون ۽ تيز ترين ڪارون ھتي جي پوليس استعمال ڪندي آھي، دبئي پوليس سمارٽ پوليس اسٽيشن ٺاھي ڇڏيون آھن، جتي موجود مشينن ۾ اوھان پنھنجا ڏنڊ ادا ڪري سگھو ٿا، ڪو پوليس ڪيس ڪري سگھو ٿا يا ڪنھن ڪيس بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا، برج خليفه فقط دنيا جي وڏي ۾ وڏي بلڊنگ جو ايوراڊ رکندڙ ناھي پر برج خليفه وٽ ڏھن کان وڌيڪ ٻيا به ايوارڊ آھن، جن ۾ ڌرتيءَ تي اوچي ترين بلڊنگ، اوچي ترين لفٽ، اوچو رھائشي اپارٽمينٽ، اوچو لائوج، اوچو لائيٽ ۽ آواز جو شو، اوچو فائر ورڪ ۽ ٻيا شامل آھن،دبئي ۾ ٻيا به ڪيترائي ورلڊ رڪارڊ جوڙيا ويا آھن، جن ۾ وڏي ۾ وڏو چانهھ جو ڪوپ، وڏي ۾ وڏو Jigsaw Puzzle، وڏي ۾ وڏو سونوھار، وڏي ۾ وڏي ٽئڪسي پريڊ، اوچي ۾ اوچو ٽينس گرائونڊ، چاڪليٽ مان ٺاھيل تصوير وغيرھ شامل آھن،دبئي لاءِ چيو ويندو آھي ته گرمين ۾ دبئي جو ڏينھن دشمن به نه ڏسي، دبئي جي رات سڄڻن سان گڏ ھجي. دبئيءَ جون اڪثر رونقون رات جون ئي آھن. ڪيترائي ريسٽورانٽ ۽ سپر مارڪيٽون 24 ڪلاڪ کليل ھوندا آھن جڏھن ته ڪجهھ شاپنگ مال رات جو ھڪ يا ٻين وڳي بند ٿي ويندا آھن. سئنيمائون رات جو ٽين وڳي بند ٿي وينديون آھن جڏھن ته دبئي جي شيخ زايد روڊ تي 24 ڪلاڪ ئي ٽرئفڪ رھندي آھي. دبئي لاءِ چيو ويندو آھي ته ھي اھو شھر آھي جيڪو سمھندو ناھي،دبئي جون راتيون ايتريون حسين آھن، جنھن جو تصور ئي الائي ڇا آھي. جيئن ئي رات پنھنجي ڪاري چادر وڇائي ٿي ته دبئي جا بلب جاڳي پون ٿا ۽ اھي جاڳائي وجھن ٿا دبئيءَ جي رونقن کي. دبئي ۾ 544 ھوٽلون آھن ۽ انھن ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ ڪمرا موجود آھن، جن کي 2020ع جي آخر تائين ھڪ لک سٺ ھزار تائين وڌايو ويو آھي. اڪثر ڪري دبئي جي ھر ھوٽل ۾ ھڪ کان وڌيڪ نائيٽ ڪلب آھن، جيڪي الڳ الڳ قومن جي لاءِ آھن ۽ ڪيترائي سڀني جي لاءِ پڻ آھن، جتي رات جي وقت ڊانس، شراب توڙي شباب جون محفلون لڳنديون آھن. دبئي جي شام ٿيندي ئي ماڻھو آفيسن مان گھرن ڏانھن نڪرندا آھن، ان وقت روڊن تي تمام گھڻي رش ٿي ويندي آھي، خاص ڪري اھي روڊ جيڪي شارجه رياست ڏانھن ويندا آھن. ڇو ته رھائش جي لحاظ کان شارجه دبئي جي ڀيٽ ۾ اڌ و اڌ سستي آھي.دبئي جي شام جو منظر ڊزرٽ سفاري تي ڏسي سگھجي ٿو، جتي واريءَ جي دڙن تي بيھي سج کي لھندي ڏسي سگھجي ٿو، ٿوري اونداھ ٿيندي ئي واريءَ جي انھن دڙن جي وچ ۾ ھٿراڌو ٺاھيل گول ميدان موجود آھن، جتي عربي ڪلچرل بيلي ڊانس ۽ باهه سان کيڏڻ جا شو ڏيکاري دل وندرائي ويندي آھي.دبئي جي شام جو منظر سمنڊ ڪناري بيھي لھندڙ سج کي پاڻيءَ ۾ پنھنجي روشني جذب ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، جنھن پاڻيءَ ۾ سوين اڇا توڙي ڪارا ماڻھو بنا ڪنھن جنسي يا قومي مت ڀيد جي وھنجندي ڏسي سگھجن ٿا، دبئي جي شام جو منظر آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ بلڊنگن جي ڪنھن مٿئين فلور تان ھيٺ روڊ تي ھلندڙ ڪولين جيترين گاڏين کي ڏسندي دل کي لڀائي سگھي ٿو ،دبئي جي ھر رات ھتان جون مختلف بلڊنگون فائر ورڪ يا ٻين روشنين سان گھمندڙن کي تفريح ڏينديون آھن، برج خليفا جو ھڪ پاسو جنھن تي وڊيو جي صورت ۾ تصوير ۽ آواز سان ھر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موقعي جي مناسبت سان ڪجھه نه ڪجهھ ڏيکاريو ويندو آھي، برج خليفا وٽ خاص ڪري نئين سال جي آمد وقت ماڻھن جي پيهه لڳل ھوندي آھي. ايتري تائين جو جيڪڏهن سُئي اڇلايو ته فرش تائين پھچندي وقت لڳي وڃيس، برج خليفا جي ھيٺان موسيقيءَ تي ناچ ڪندڙ ھٿراڌو پاڻيءَ جو فائونٽين دل وندرائيندي ملندو.