ليکڪ: رخسار فتح بهراڻي
هن درد وندي جي ديس ۾ اسان جي سنڌي نياڻين جي رائگان ٿيندڙ صلاحيتن جو جيڪڏهن ڪاٿو لڳائجي ته روح ڪنبيو وڃي، ڪنهن ڏاهي جا لفظ ته کٽڻ ۽ هارائڻ ٻه نسبتي لفظ آهن، ڪنهن وڏي فتح لاءِ هارائڻ به ضروري آهي، پر اسان جي سنڌي عورت ته هارائيندي هارائيندي ان حد تي اچي بيٺي جو کيس حقيقي عروج لاءِ مائٽن سان جائز جنگ جوٽڻي پوندي، برطانيا جي شاهي خاندان جي تاريخ ۾ ٻن ايلزبيٿن مير ۽ وڪٽوريه، پرتگال جي راڻي ابيلا، مصر جي قلو پطره ننڍي کنڊ جي نورجهان، اندرا گانڌي، بينظير ڀٽو، بندرا نائڪي، حسينا واجد، فلپائن جي گلوديا سميت انيڪ عورتن دنيا تي حڪمراني ڪئي، دنيا جي انهن قدآور شخصيت اعليٰ منصب تي ويهي دنيا کي اهم پيغام ڏنو ته عورت هر فيلڊ ۾ نياهه ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي، ٻئي طرف آواز سگهه ۽ لهجي ۾ اعتماد رکندڙ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جهڙيون بهادر عورتون جمهوري ۽ انصاف ڀري سماج لاءِ عمر ڀر جهيڙيندي هڪ مثال قائم ڪنديون رهيون آهن، قومن جي جياپي ۽ بهتر مستقبل بڻائڻ واري حڪمت عملي کان لا علم ته وري علم ۽ ادب ۽ سمجهي جيئڻ واري فلسفي کان بنهه گهڻي فاصلي تي بيٺل اسان جي ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جون نياڻيون، نون ڏسن ۽ گسن کان گهڻو پري بيٺل آهن،قرت العين حيدر پنهنجي ”ڪار جهان مزار هي“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو ته منهنجي دل ايتري ته سڙي آهي جو هن وڌيڪ سڙڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. انهن نياڻين ۽ ننگن کي ترقي جي هن ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ بنيادي سوال عورت جي تعليم تي اچي ٽڪي بيهي ٿو، جتي ذاتي غيرت کي قومي غيرت مٿان ترجيح ڏئي قتل ڪرائي غلام بڻايو وڃي ٿو، اتي عورت کي تعليمي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهڙي چئلينج جي برابر هوندو جنهن جون ڪيتريون ئي سمتون هونديون ۽ هڪ هڪ سمت کي سمجهه ۽ ڏاهپ سان منهن ڏئي اسان جي ناري کي بهتر مقام ڏئي سگهجي ٿو، پر اسان جي اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبر جيڪي هر اشو تي فرضي موقف جوڙيندا آهن، پر اسان جي تعليمي دڳ ۾ بهتري لاءِ انهن ڪجهه به ناهي ڪيو، جڏهن ته استاد تنظيمن پڻ استادن کي ووٽ تائين محدود رکي ڇڏيو آهي، جنهن سبب اسان جا ادارا سجاڳ ذهن پيدا ڪرڻ بدران فيڪٽريون لڳيون پيون آهن، اديبن ۽ دانشورن جا حال اهي آهن ته سچل تي ساڳيو مقالو، شاهه تي به ساڳيو ته قلندر تي به ساڳيو آهي، پر هن ئي ملڪ جي ملالا يوسفزئي ننڍڙي عمر ۾ گڏيل قومن ۾ تقرير ڪري ثابت ڪيو هوءَ پنهنجي عمر کان وڌيڪ بالغ آهي، پر اسان جا پنهنجا نياڻين کي هٿ ۾ قلم ڪتاب ڏيڻ بدران قيد ڪيو ويٺا آهن، هنن ڪهڙي خبر ته اسان جي هر گهر ۾ ورڊس ورٿ جا لافاني ڪردار ليوسي گري موجود آهن، بس انهن کي رڳو موقعي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بس انهن کي رڳو همٿ افزا ماحول گهرجي، بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته اهي تعميري سمت ۾ قوم ۽ معاشري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون، گذريل 20 سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌي ماڻهن جي سوچ جاڳائڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن لکيو آهي ته اسان جون نياڻيون اسان جي روين سبب چٽاڀيٽي کان پري بيٺل آهن، رخسار بلوچ سميت ڪيترائي اهڙا رائيٽر آهن جن وقت بوقت پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪوتاهين ۽ عورتن جي تعليم جي موضوع تي تمام گهڻو لکيو آهي، هنن ڪاپي ڪلچر تي به قلم کنيو، هنن اسان جي سنڌي ڪميشنڊ آفيسرن کي به نه بخشيو، جن سنڌ جي اميدوارن کي اتساهڻ بدران ڏکيويو، هنن سنڌ جي ٽئلينٽ تي به لکيو ۽ اهو به لکيو ته اسان جي اميدوارن کي پراپر گائيڊنس نه آهي، هاڻ حالتن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏيڻ بدران اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، سماج ۽ عورتن جي زندگي ۾ انقلابي تبديلي آڻڻي آهي، وڏن شهرن ۾ ته نياڻيون اڳتي اچن پيون پر خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ حقيقي تعليمي انقلاب لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ انهن ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي اسان کي وڌيڪ اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيندي.