کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي اڇلايل ڪچري کي آرٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي ان پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ٽومي گساتفين ٻڌايو ته مائونٽ ايورسٽ ۽ ان جي ويجهڙائي واري علائقي مان استعمال ٿيل آڪسيجن جو بوتلون، ڦاٽل خيما، رسيون، ڀڳل ڏاڪڻيون، دٻن ۽ ريپرز کي ويجهو ئي واقع گيلري ۾ منتقل ڪيو ويندو، جتان ان کي آرٽ ۾ تبديل ڪندي دنيا جي بلند ترين جابلو ئي چوٽي کي ڪچره ڪنڊي ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ آگاهي طور استعمال ڪيو ويندو. هن ٻڌايوته 8848 ميٽر بلند جابلو چوٽي ۽ ان جو پسگردائي وارو علائقو استعمال ٿيل آڪسيجن جي بوتلن، ڦاٽل خيمن، رسين، ٽٽل ڏاڪڻين ۽ ريپرز سان ڀريل هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان پروگرام ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي فنڪارن کي شامل ڪيو ويندو ته جيئن ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي وڃي. گستافين ٻڌايو ته 2019 ۾ 60 هزار کان وڌيڪ جبل چاڙهن، گائيڊز ۽ سياحن ان علائقي جو دورو ڪيو هو پر هلندڙ سال وبا سبب هتي ايندڙ سياحن جو انگ محدود رکيو ويو آهي.
