289

دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست جاري، 2 پاڪستاني عورتون به شامل

برطانيا جي نشرياتي اداري بي بي بي جي طرفان دنيا جي هڪ سئو بااثر عورتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ 2 پاڪستاني عورتون به شامل آهن، بي بي سي طرفان هر سال دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست جوڙي پڌري ڪئي ويندي آهي، ان سلسلي ۾ هن سال 2020 جي 100 بااثر عورتن جي لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ پاڪستاني انڊسٽري سان تعلق رکندڙ  اداڪاره ماهره خان کي تخليقي صلاحيت واري ڪئٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  وزيراعظم عمران خان جي سماجي تحفظ بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي علم جي ڪئٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ فن لينڊ جي وزيراعظم ثنا مرين به شامل آهي.

404. That’s an error.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو