اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر غيرذميواراڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي، جلسن ۾ ڪورونا وائرس جهڙي موذي وبا جو مذاق اڏائڻ چريائپ نه آهي ته ڇا آهي؟. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته دنيا ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون طرف وڃي رهي آهي ۽ اسان جي مخالف ڌر ايس او پيز جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪورونا وائرس جي موذي وبا کي دعوت ڏئي رهي آهي.
