29

دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا مريض 5 ڪروڙ 75 لک کان وڌي ويا، 13 لک 72 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي نوان ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 5 ڪروڙ 75 لک کان وڌي ويو آهي جڏهن ته وائرس سبب هيل تائين 13 لک 72 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر هيل يورپ سميت ڪيترن خطن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. وائرس سبب وڌڪي متاثر ملڪن ۾ آمريڪا پهرين نمبر تي آهي. جتي هيل تائين هڪ ڪروڙ 19 لک 11 هزار ماڻهن ۾ ان وائرس جي تشخيص ٿي چڪي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 2 لک 54 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ان فهرست ۾ ڀارت 90 لک 50 هزار ڪورونا وائرس ڪيسن سان ٻئي نمبر تي آهي. ان ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ هيل تائين هڪ لک 33 هزار جي ويجهو ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو