10

دڙي ۾ بجلي جو بحران ڪيئن حل ٿيندو؟

ليکڪ: محمد انور ميمڻ

دڙو سجاول ضلعي جو هڪ قديمي ۽ تاريخي شهر آهي، پر هن وقت بجلي، پيئڻ جي پاڻي ۽ واٽر سپلاءِ جا مسئلا شهرين کي سخت پريشان ڪري رهيا آهن، دڙي ۾ 45 سال اڳ بجلي آئي هئي ۽ هن وقت ان جو نظام تمام ڪمزور ٿي چڪو آهي، تارون ۽ پول ٽٽڻ ۽ ڪرڻ معمول بڻيل آهن ۽ پول ۽ تارون زمينن ۾ لڳل آهن، برساتي موسم يا ويراڄ جي وقت پول ۽ تارون ڪرن ۽ انهن کي ٺاهڻ مسئلو ٿئي ٿو، اهڙي ڪا به مشينري ناهي، ان لاءِ پول ۽ تارون روڊ جي ڀر ۾ لڳائي ڏنا وڃن ۽ تارون ۽ ڪراس انسليوٽر ڪو نه آهن، ان ڪري بجلي جي بحالي ۾ ڏينهن جا ڏينهن لڳيو وڃن، شهر کي بلڙي شاهه ڪريم مان فيڊر ڏنل آهي، جيڪو هڪ ته پري آهي ۽ ٻيو پراڻو آهي، ان کي ري ماڊلنگ ڪري پول رستي ويجهو لڳايو وڃي  ۽ اهي پول لوهه جا ڏنا وڃن ۽ ڪراس به لوهه جا ڏنا وڃن، نيون تارون لڳايون وڃن، هن فيڊر جي ڊيگهه 35 ڪلو ميٽر آهي، جيڪڏهن مرمت ٿي ته لائين لاسز ختم ٿي ويندو، بجلي جا فالٽ ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي، نان ٽيڪنيڪل ملازم هٽائي ماهر ۽ تجربيڪار رکيا وڃن، هتي جيڪي مسڪين لائين مين لڳايا ويا هئا، اهي هاڻ 16-16 لک رپين جي  اي سي گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن ۽ غريب شهري جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪڏهن ۾ شهر ۾ ڪا تار ٽٽي ٿي ته پرائيويٽ ماڻهو اچي ڪم ڪن ٿا، پر بجلي جا ملازم نظر به نٿا اچن، 2010ع ۽ 2011ع واري مها ٻوڏ سبب شهر خالي ٿي ويا هئا ۽ ميٽر ۽ تارون چوري ٿي ويون هيون، جيڪي ميٽر بچيا اهي ئي بل ڏين ٿا ۽ اهي به هٿ ٺوڪيا بل هوندا آهن، هتي 2 لائين مين آهن، جيڪي من پسندن کي ميسيجن ذريعي بل موڪلي ڇڏين ٿا، ٽرانسفارمر جا جهمپر پٽي بجلي بند ڪري ڏينهن ۽ راتيون عذاب بڻائين ٿا، ۽ بقايائن بهاني شهرين کي تنگ ڪندا آهن، هر مهيني واپڊا وارن جو بل ئي نه ايندو ته ماڻهو پياريندا ڪٿان، اسان شهري اها به اپيل ٿا ڪريون ته ايڪيسين، ايس ڊي او ۽ ٻيا عملدار اها پڇا ڪن ته عوام کي بل ڇو نٿو پهچي، هتي بجلي چوري نٿي ٿئي پر عملدار پاڻ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳائي ڏين ٿا ۽ ان جي رقم 500 کان 1000 رپين يا 1500 کان 2000 رپيا وصول ڪندا آهن، انهن ۾ اي سيز، ٽيوب ويل سميت ٻيا وڏا ڪنيڪشن پڻ هوندا آهن، اسان اعليٰ عملدارن، چيف جسٽس، واپڊا چيئرمين، وزيراعظم، وڏي وزير ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪريون ته دڙي شهر کي الڳ فيڊر ڏنو وڃي، پراڻا ميٽر لاهي نوان فري ميٽر ڏنا وڃن، جائز بل ڏنو وڃي، ڊڊڪشن ۽ بقايائون معاف ڪري ميٽر ايم سي او ڪري ڏنا وڃن، دڙي شهر ٻاهران دڙي جو الڳ ريڊنگ ميٽر لڳايو وڃي، جيئن شهري صحيح نموني بل ادا ڪري سگهن ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۽ ٻن لائين مينن جي هڪ هٽي کان بچي سگهن، دڙي شهر کي ٻهراڙي ۽ ڀرپاسي کان الڳ ڪيو وڃي، اميد آهي ته اها دانهن ضرور اعليٰ عملدارن جي ڪنن تائين پهچندي ۽ دڙي واسين جي داد رسي ٿيندي. جيڪڏهن اڄ به سرڪار حقيقي انصاف سان بجلي جي ورهاست واري نظام ۽ پنهنجي عملي جي ڪوتاهين کي درست ڪري ته هن ملڪ ۾ بجلي وارو شعبو يقينن فائدي وارو ئي بڻجي ويندو، واپڊا کي سفيد هاٿي شايد ان لاءِ چيو ويندو آهي ته هن اداري کي ملازمن ٻنهي هٿن سان ڦري تباهه ڪري رڳو پاڻ کي امير ڪيو آهي، هيءَ ته هڪڙي شهر جي ڪٿا آهي، جتي ملازم ماڻهن کي بل به نٿا پهچائين پر هر مهيني پنهنجو کيسو گرم ڪرڻ لاءِ خرچي وٺڻ نه وساريندا آهن ته اوهان سوچيو ته ٻهراڙين سان ڇا حالت هوندي ۽ اها حالت رڳو دڙي شهر سان نه آهي پر سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر سان آهي، واپڊا جو ادارو نه پر ان جا ملازم سفيد هاٿي ضرور آهن، جيڪڏهن سرڪار هن اداري کي سڌارڻ چاهي ٿي ته سڀ کان پهريان هن وقت واپڊا ۾ موجود وڏي کان وڏي ۽ ننڍي ننڍي ملازم جي رهڻي ڪهڻي، ان جي ملڪيت ۽ وسيلن جي جاچ ڪري اندازو  ٿي ويندو ته ڪنهن ڪيترو ڪمايو آهي، حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن واپڊا جي کاتي ۾ آهي، جيڪڏهن اها ڪرپشن رڪجي وڃي ۽ حقيقي انداز ۾ بجلي جي ورهاست ڪري ماڻهن کي ڊڊڪشن ۽ لائين لاسز جي چڪر ۾ ڦرڻ ڇڏيو وڃي ته هي ادارو سڌري سگهي ٿو، هونئن به ناممڪن ڪا به شيءِ ناهي هوندي، صرف انصاف، شفافيت ۽ بهتر انتظام جي کوٽ هوندي آهي، جيڪڏهن اها پوري ڪئي وڃي ته ادارا ۽ ملڪ سڌري سگهن ٿا، موجوده حڪومت جيڪا انصاف جو نعرو کڻي آئي آهي، دڙي واسي ان کان انصاف چاهين ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو