41

رانديگرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ بابت سوچي رهيا آهيون: وسيم خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو سوچي رهيا آهيون. وسيم خان جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جهڙين ٽيمن کي اچڻو آهي، پي ايس ايل جي ترت نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته رانديگرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ بابت سوچي رهيا آهيون، ان حوالي سان جلد ڄاڻ ملي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو