لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن راڻا ثناءُ الله، خواجه آصف ۽ راڻا مشهود سميت 37 سياستدانن خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ ۽ زمينن تي قبضي ۾ ملوث ڄاڻائي جاچ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته شيخ روحيل اصغر، سهيل شڪوت بٽ، غزالي سليم بٽ ۽ محمد افضل بنجرا خلاف جاچ ڪئي ويندي، ملڪ محمد اجمل بنجرا، ميان رياض، عبدالله خان، راڻا محمد عظيم ۽ اشرف عباس ڊوگر خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، رياض گورائيه ۽ ميان ذوالفقار سميت ٻين خلاف پڻ جاچ ٿيندي، ثبوتن جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو.
120